رت جي راند

رت جي راند

رت جي راند

رت جي راند (فلم): سچل موويز جي پهرين پيشڪش سان ٺهيل هيءَ سنڌي فلم 23 جولاءِ 1970ع تي رليز ٿي. هيءَ فلم سماجي مسئلن تي فلمايل هئي. هن فلم جو هدايتڪار منظور احمد، پروڊيوسر ظفر ڀٽي ۽ منظور احمد ۽ موسيقار فيروز گل هئا. هن فلم ۾ تڏهوڪن ناليوارن فلمي اداڪارن مشتاق چنگيزي، چڪوري، ملڪ انوکي، محبوب عالم، سيما، عبدالحڪيم کوسي، ايس. مغل، عشرت، بوبي، اديب نظامي، مشتاق جسڪاڻي، نورين، سعيد ۽ يوسف عليءَ اداڪاري ڪئي. هيءَ فلم نشاط سئنيما حيدرآباد، نشاط سئنيما سکر، ايمپائر سئنيما لاڙڪاڻي، تاج محل سئنيما ڪراچي، شهباز سئنيما ٽنڊي الهيار ۾ هڪ وقت رليز ٿي هئي


هن صفحي کي شيئر ڪريو